سـيد قادربخش شاهه

سـيد قادربخش شاهه

سيد قادر بخش شاهه

سيـد قادر بخش شاهه: ســنـڌ جـو ناليـوارو تعـليـمي مـاهـر سـيد قادربخش عرف قادن شاهه، 25 اپريل 1927ع تي سيد ڏتل شاهه جي گھر ۾، ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (موجوده نيو سعيد آباد) ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1948ع ڌاري فائنل پاس ڪري، پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ پرائمري استادن جو ٻه سالا تربيتي ڪورس نمايان پوزيشن سان پاس ڪيائين. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران هن ڪيترن شاگردن جي اخلاقي ۽ مالي معاونت ڪئي.
سيد قادر بخش شاهه هڪ هڏ ڏوکي ۽ سخي انسان هو، پنهنجي زرعي زمين فلاحي مقصدن هيٺ هڪ اداري جي قيام لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. سندس نامور استاد الله بخش ٽالپر سان ويجھڙائي هئي. حڪمت جو به سٺو ڄاڻو هو. ڏينهن هجي يا رات، ڪنهن تڪليف ۾ علاج يا مدد واسطي ڪو کيس سڏيندو هو ته پيرين پنڌ هليو ويندو هو.
سيد قادر بخش شاهه، ايم. اي سنڌيءَ دوران ’تمر فقير جو ڪلام‘ جي عنوان هيٺ مونو گراف لکيو، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪيترن ڪتابن جي تياريءَ ۾ سندس مکيه ڪردار رهيو آهي. محمد اسماعيل عرساڻي ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد صالح شاهه سان گڏجي هن بي. ايڊ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي مواد تيار ڪيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آهي ۽ اڄ تائين اهو پڙهايو وڃي ٿو.
سيد قادر بخش شاهه 1981ع ڌاري دل جي عارضي سبب وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان م دفن ڪيو ويو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه (مرحوم) ۽ سيد محمد صالح شاهه (مرحوم) سندس ڀائر هئا.


لفظ سيد قادر بخش شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.25  عيسوي

ســنـڌ جـو ناليـوارو تعـليـمي مـاهـر سـيد قادربخش عرف قادن شاهه، 25 اپريل 1927ع تي سيد ڏتل شاهه جي گھر ۾، ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (موجوده نيو سعيد آباد) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائودپوٽو صادق محمد عباسي اول
سيمي جمالي ڊاڪٽر
ذوالفقار شاهه
چڪوري
جئسنگهاڻي شنڀو
زرداري مٺا خان
رواح بن اسد
سيد منچر شاهه
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
امير پير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون